SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ويسٽفيليا ئي معاهدو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ويسٽفيليا ئي معاهدو

Treaty of Westphalia

ٽريٽي آف ويسٽفيليا

ننڍن عهدنامن تي ٻڌل هي ٺاهه 1648ع ۾ آسٽريا جي شهر ”ويسٽفيليا“ ۾ ٿيو. ان کي ’يورپ ۾ نئين قومي رياستي نظام کي جنم ڏيندڙ ٺاهه‘ سڏيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هن ٺاهه ذريعي ئي يورپ ۾ جديد قومي رياستون باقاعده طور وجود ۾ آيون. انهن ملڪن جون جُدا جُدا سرحدون مقرر ڪيون ويون ۽ يورپ مان مذهبي ، خانداني ۽ روايتي اقتدار ختم ٿيو. هن معاهدي تحت ڪليسيائيت جي بنيادن تي بيٺل رومي سلطنت جو زوال اچڻ شروع ٿيو. ڇاڪاڻ جو يورپي حاڪمن روم جي پوپ طرفان جاري ٿيندڙ حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو. هن ٺاهه ذريعي يورپ ۾ هلندڙ ٽيهه سالن جي جنگ (1648-1618ع) جو خاتمو آندو ويو. هن ٺاهه کان پوءِ جرمني، برطانيه، فرانس، پورچوگال، اسپين، هالئنڊ ۽ سئٽزرلئنڊ وغيره آزاد رياستن طور اڀريا. يورپ ۾ مُلڪن جي نئين سرحد بنديءَ کي مڃيو ويو، فرانس مُک يورپي طاقت طور اُڀريو، يورپي سياست کي سيڪيولر بُنياد مليا، طاقت جي توازن ۾ پرڏيهي پاليسيءَ جي راهنما اصولن بابت چٽائي ٿي ۽ رياستي معاملن ۾ ”قومي مفاد“ کي ترجيح ملي. هن ٺاهه ۾ رومي سلطنت ، اسپين جي بادشاهه ’فرڊ ينينڊ III‘، فرانس، سويڊن ۽ ٻين ملڪن ۽ بادشاهن حصو ورتو


Remember Me Also:

ڪهير

ظرف. ڪنهن وير ، ڪيڏيءَ مهل ، ڪهڙي وقت. اسم خاص. هڪ لَڪَ جو نالو ڪ. هڪ قسم جو جبل جو وڻ، جنهن جا ٻير ماڻهو کائين. اسم خاص بلوچن جو هڪ قبيلو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal